صاحبڏنو عباسي سائين

صاحبڏنو عباسي ”سائين“: صاحب ڏنو ولد غوث بخش عباسي، ڳوٺ رشيد گجراڻي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ڳوٺ کي سندس پڙڏاڏي جي نالي سان ‘پنگريي خان جو ڳوٺ’ به ڪوٺيو وڃي ٿو. صاحبڏني عباسيءَ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. ‘سائين’ سندس تخلص آهي. هن نثر ۾ به سٺو لکيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘اڀريو سج سکن جو’ (2003ع)، ‘اچ ته توکي خدا ڏيکاريان’، ‘قربن جو ڪتاب’ (شاعري:2010ع) شامل آهن. صاحبڏنو عباسي کاڻوٺ ۾ استاد رهيو آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو